لاهور-18 فيبروري (اي پي پي) ليسڪو، چيمپئنز ٽرافي جي افتتاحي تقريب لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. ترجمان مطابق ليسڪو قذافي اسٽيڊيم جي ويجهن علائقن کي لوڊ شيڊنگ فري قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ خصوصي ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهندي، ان کانسواءِ اضافي ٽرانسفارمرز به اسٽينڊ بائي ڪري ڇڏيا آهن. چيف ايگزيڪٽو ليسڪو انجينئر شاهد حيدر چيو آهي چيمپيئنز ٽرافي جو پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ اعزاز جي ڳالهه اهي، ٽورنامنٽ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.