ڪراچي- 16 فيبروري (اي پي پي) چيني سيڙپڪارن جي هڪ وفد سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ ۾ اي وي گاڏين ۾ سيڙپڪاري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيني وفد کي سنڌ ۾ اي وي مينوفيڪچرنگ پلانٽ قائم ڪرڻ جي دعوت ڏني. چيني وفد سان ڳالهائيندي سينيئر وزير صوبائي وزير، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي ضروري رعايتون ۽ ڪاروبار دوست ماحول جون سموريون سهولتون فراهم ڪندي. هن چيو ته سيڙپڪاري جي لحاظ کان پاڪستان، خاص طور تي سنڌ، اسٽريٽجڪ لحاظ کان وڏي اهميت رکي ٿو. سنڌ ۾ بندرگاهون، وڌندڙ روڊ نيٽ ورڪ ۽ وڏي پيماني تي افردي سگهه موجود آهي. سينيئر وزير چيو ته مستقبل اليڪٽرڪ گاڏين جو آهي ۽ سنڌ هن تبديلي ۾ اڳواڻي ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسان عالمي سيڙپڪارن کي دعوت ڏيون ٿا ته هتي اي وي مينوفيڪچرنگ پلانٽس قائم ڪن. انهن پلانٽس سان معيشت کي هٿي ملندي ۽ هزارين نوڪريون پيدا ٿينديون. ملاقات دوران چيني وفد سنڌ جي اي وي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ صنعتي ترقي لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جي واکاڻ ڪئي. ملاقات ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو پڻ شرڪت ڪئي.