ڪراچي-14 فيبروري (اي پي پي) سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽرز کي درپيش چيلنجز کي سمجهي ٿي ۽ اسان ساڻن گڏجي مسئلن جي حل جي لاءِ پرعزم آهيون. هاڻي وڏيون گاڏيون رات جو ڏهين وڳي کان صبح ڇهين وڳي تائين شهر ۾ داخل ٿي سگهنديون، شهر ۾ ٽرانسپورٽ جي داخلا جي وقت ۾ اضافي جو فيصلو ٽرانسپورٽرز جي آپريشنز کي وڌيڪ سڻائو بڻائڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي، سمورين هيوي ٽريفڪ وارين گاڏين جي لاءِ رجسٽريشن ۽ فٽنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ تمام ضروري آهي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽرز جي مختلف ايسو سي ايشنز تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڪيو۔ وفد سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، گهرو معاملن واري وزير ضيا الحسن لنجار ۽ ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سان ملاقات ڪئي ملاقات جي موقعي تي ٽرانسپورٽرز صوبائي وزيرن کي شهر ۾ داخلا جي مخصوص وقت جي لاڳو پابندين جي حوالي سان پريشاني بابت آگاهي ڏني. سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ملاقات ۾ شريڪ ماڻهن کي حڪومت طرفان هڪ ڪلاڪ اضافي وقت ڏيڻ جي فيصلي بابت آگاهي ڏني. سندس چوڻ هو ته هاڻي وڏيون گاڏيون رات جو ڏهين وڳي کان صبح ڇهين وڳي تائين شهر ۾ داخل ٿي سگهنديون، جنهن سان سندن آپريشنز ۾ وڌيڪ لچڪ ملندي، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اهو ضروري آهي ته ٻين صوبن وارن ٽرانسپورٽرن سميت سمورا ٽرانسپورٽرز پنهنجن گاڏين کي سنڌ ۾ رجسٽرڊ ڪرائن ۽ انهن جا فٽنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪن. ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي گهرو معاملن واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ٽرانسپورٽرز اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جيڪي ٽريفڪ ۾ خلل وجهن، عوامي پريشاني جو باعث بڻجندڙ ڪنهن به قدم کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته اسان کي ڪراچي جي بهتري جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ٽريفڪ کي روڪڻ جهڙن عوامي زندگي کي متاثر ڪندڙ ڪنهن به قدم کي برداشت نه ڪيو ويندو، آئون ٽرانسپورٽرز کي درخواست ڪريان ٿو ته اُهي مسئلن کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪن ڇاڪاڻ جو اُنهن مسئلن جو سياست سان ڪوبه واسطو ناهي۔ملاقات جي موقعي تي ٽرانسپورٽر اڳواڻن حڪومت طرفان سندن مسئلن جي حل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته گاڏين جي داخلا جي وقت ۾ اضافي سان اسان جي لاجسٽڪ چيلنجز ۾ گهٽتائي ايندي، ٽرانسپورٽرز صوبائي وزيرن کي خاطري ڪرائي ته اسان حڪومت جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا ته گاڏين جي رجسٽريشن ۽ فٽنس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا وڃن. ٽرانسپورٽرز ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته اُهي حڪومت سان گڏجي مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪندا.ملاقات ۾ ايڪسائز واري سيڪريٽري محمد سليم راجپوت، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سي سي پي او ڪراچي جاويد عالم اوڍو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ سميت ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. جڏهن ته ٽرانسپورٽ جي وفد ۾ لياقت محسود، حاجي مقصود محسود، حاجي يوسف، حاجي خير الزمان محسود، طارق گجر، بادشاه خان محسود، ملڪ ياسين نيازي، جان عالم محسود، حاجي عمر دراز باجوڙي، عبدالحمد بنگش، حاجي طور خان، سردار سلامت، ڪفيل خان ۽ ٻيا شامل هئا۔