حيدرآباد-13 فيبروري (اي پي پي) بسنت هال ڪلچرل سنيٽر جي انتظام هيٺ ناليواري صوفي گلوڪارا عابده پروين جي خاص محفل موسيقي ”صوفي راڳي عابده پروين سان شام“ 23 فيبروري 2025ع آچر جي ڏينهن شام جو 7 وڳي بسنت هال ڪلچرل سينٽر ۾ منعقد ڪئي ويندي. تقريب ۾ شرڪت لاءِ گيٽ پاس لازمي هوندو جيڪو 20 فيبروري 2025 تائين روزانو صبح 11 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين بسنت هال ڪلچرل سينٽر مان حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ان تقريب ۾ داخلا فقط دعوتي ڪارڊ رکندڙن لاءِ آهي.