اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) گهرو وفاقي وزير محسن نقوي سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي ۾ امن جي قيام، ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ، پاڪستان سپر ليگ سميت دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته امن امان جي قيام ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪردار تعريف جوڳو آهي. هن چيو ته نيشنل اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير سان ڪرڪيٽ کي هٿي حاصل ٿيندي. محدود وقت ۾ نيشنل اسٽيڊيم جي شاندار اڏاوت تعريف لائق آهي. گورنر ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان سپر ليگ مان ڪرڪيٽ جو نئون ٽيلنٽ سامهون ايندو. وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته گورنر انيشيئٽو تحت جاري رٿائون تعريف لائق آهن. آءِ ٽي جي جديد ڪورسز سان نوجوانن جو مستقبل روشن ٿيندو. گهرو وزير وڻڪاري مهم تحت گورنر هائوس ۾ ٻوٽو لڳايو.