ڪراچي-11 فيبروري (اي پي پي) نامياري عورت اڳواڻ ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پي او ڊي اي پاڪستان ثمينه نظير اين ڊي ايف بحالي مرڪز گلستان جوهر ڪراچي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اين ڊي ايف پاڪستان جي صدر عابد لاشاري سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ سنڌ حڪومت جي ”ايمپاورمينٽ آف پرسنز ود ڊس ايبليٽيز“ کاتي جي سهڪار ذريعي معذور ٻارن لاءِ جاري بحالي وارين خدمتن بابت بريفنگ ڏني. دوري دوران، ثمينه نظير بحالي سيشن ۾ شرڪت ڪندڙ ٻارن ۽ والدين سان ملاقات ڪئي. هن مرڪز جي ڪم جي ساراهه ڪندي ان کي ”معذور ٻارڙن لاءِ شاندار مرڪز“ قرار ڏنو. ھن چڪوال ۽ جهلم ۾ ذهني معذور ٻارن لاءِ ساڳئي طرز جو هڪ بحالي مرڪز قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل سهڪار سان پنجاب ۾ به بحالي پروگرام شروع ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. جنهن جي جواب ۾ عابد لاشاري فني مهارت ۽ سهڪار جي آڇ ڪئي.