ڪراچي-11 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايم ڪيو ايم (پاڪستان) جي الزامن کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو آھي ته ايم ڪيو ايم وارا پنھنجي اندروني ڇڪتاڻ تان عوامي ڌيان ھٽائڻ لاءِ الزامن جي سياست ڪري رھيا آھن، نفرت جي سياست متحده کي تقسيم در تقسيم ڪري ڇڏيو، پر ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ اڃان به نٿا مـُڙن. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته متحده جا اڳواڻ مختلف وقتن تي نفرت، تعصب، تقسيم ۽ فريب جي سياست کي ھوا ڏيندا آھن، ڪراچي جو عوام ايم ڪيو ايم جي حقيقت ڄاڻي چُڪو آھي، ھاڻي اُھي ڪنھن جي ورغلائڻ ۾ اچڻ وارا ناھن. ھن چيو ته ڪراچي سمورن پاڪستانين جو شھر آھي، متحده ڪراچي جو ٺيڪيدار بڻجڻ کان پاسو ڪري، ڪراچي جا ٻار اسان جا به ٻار آھن، عوام ڄاڻي ٿو ته ڪراچي جي ٻارن جي ھٿن ۾ ڪتاب بدران بندوق ڪنھن ڏني ھُئي. سينئر وزير چيو تھ ايم ڪيو ايم ڪراچي تي ڏھاڪن تائين حڪمراني ڪندي رھي، اڄ حقن جي ڳالهھ پئي ڪري، سياسي مفادن جي لاءِ متحده ھر دور ۾ ڪراچي جي عوام جي جذبن جو بدتر استعمال ڪندي رھي آھي.