ڪراچي-11 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي توانائي، ترقي ۽ رٿبابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عالمي بينڪ جي سهڪار سان ٻه لک سولر هوم سسٽم 31 جولاءِ 2025 تائين مڪمل ٿي ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي کاتي ۾ سولر هوم سسٽم جي ورڇ بابت منصوبي جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني خاص طور تي شرڪت ڪئي. صوبائي وزيرن سيد ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني ان موقعي تي چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي منصوبي جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن چيئرمين جي ويزن کي جلد کان جلد مڪمل ڪري سگهجي. ان موقعي تي توانائي واري وزير هدايت ڪئي ته هر مهيني سڀني ضلعن ۾ 1600 سولر هوم سسٽم جي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي، جڏهن ته هر ضلعي ۾ هر هفتي 400 سولر پينل ورهايا وڃن. هن چيو ته هي منصوبو هر صورت ۾ 31 جولاءِ 2025ع تائين مڪمل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ويئر هائوس ۾ 50,000 سولر پينلز جي ورڇ 30 ڏينهن اندر مڪمل ڪئي وڃي ۽ ان جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ان موقعي تي توانائي کاتي جو سيڪريٽري مصدق احمد خان، اسٽيٽ اسٽيڪس ايڊوائيزر سولر انرجي پروجيڪٽ سونيا سومرو، سيد زين حيدر، سڪندر علي ۽ عبدالغني پڻ موجود هئا.