لاڙڪاڻو-11 فيبروري (اي پي پي) ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليج ايجوڪيشن لاڙڪاڻو عقيل احمد لاکير چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي تعليم ۽ خواندگي واري کاتي ۽ ٿر ايجوڪيشنل الائنس طرفان لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن جي اسڪولن جا پراجيڪٽ پيش ڪيا ويا آهن، جن ۾ شاگردن تمام گھڻي محنت ڪئي آهي انهن مان چونڊ پراجيڪٽ سنڌ فيسٽيول ۾ پيش ڪيا ويندا.
اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي ۾ منعقد ڪيل هٿ سان ٺاهيل شين جي فيسٽيول ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته جن شاگردن محنت ڪئي ۽ سٺيون شيون ٺاهيون اسين انهن شين کي سنڌ فيسٽيول ۾ پيش ڪنداسين. ان موقعي تي گسٽا اڳواڻ نظير احمد سولنگي ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان جيڪي ڊويزن سطح تي اهڙا فيسٽيول منعقد ڪيا پيا وڃن اهو سٺو قدم آهي. هن چيو ته گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ڪيترا ئي شاگرد تعليم پرائي وڏن عهدن تي فائز ٿيا. هن چيو ته سنڌ ايجوڪيشن لٽريسي ڊپارٽمينٽ ۽ ٿر ايجوڪيشنل الائنس جا نمائندا پڻ سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ فيسٽيول جو افتتاح ڪيو ويو. ان موقعي تي ٿر ايجوڪيشنل الائنس جي اڳواڻ پرتاب شهواڻي، ڊي او سيڪنڊري گلبهار مگسي، ونود ڪمار، ڊائريڪٽر ڪاليجز لاڙڪاڻو الطاف حسين ابڙو، ڊائريڪٽر (سيف) فوزيه ناز، مختيار علي سمون سميت استادن، شاگردن، اسڪائوٽس جي نمائندن ۽ عام شهرين شرڪت ڪئي. فيسٽيول ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا.