ڪراچي- 10 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته سيڙپڪاري، واپار ۾ اضافي ۽ واپاري وفدن جي مٽاسٽا جي ڏس ۾ ڀرپور نموني سان همٿائي رهيا آهيون. ايس آءِ ايف سي تحت پرڏيهي سيڙپڪارن کي هرممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. انهن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ ٽريڊ چيمپئن ڪي سي اي ۽ راشد اقبال جي اڳواڻي ۾ 4 رڪني وفد سان ملاقات ۾ ڪيو. وفد ۾ پاڪ برٽش بزنس ڪائونسل جا ميمبر شامل هئا. ملاقات ۾ واپار ۾ سهڪار ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ برٽس بزنس ڪائونسل جي وفد چيو ته سنڌ جي گورنر سان ملاقات برطانوي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافي جو سبب بڻبي. ڪائونسل خاطري ڪرائي ته هو آءِ ٽي ۽ تعليمي رٿائن ۾ شراڪت ۽ نين يونيورسٽين جي قيام ۾ سهڪار فراهم ڪندا. ڪائونسل گورنر کي لنڊن جي دوري جي باضابطا دعوت ڏني. وفد گورنر هائوس ۾ آءِ ٽي مارڪي، راشن ڊرائيو ۽ ”اميد جي گهنٽي“ جو دورو ڪيو. وفد ”اميد جي گهنٽي“ وڄائي خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو. راشن ڊرائيو تحت مستحقن ۾ ورهائڻ لاءِ رکيل راشن جي ٿيلهن جو جائزو به ورتو ويو.