ڪراچي- 10 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته پاڪستان ۾ دھشتگردي اندروني معاملو ناھي پر اھا پرڏيهي سازش تحت ڪرائي پئي وڃي، ملڪ جي معيشت ۾ بھتري ٿي رھي آھي ۽ ان جو فائدو سڄي ملڪ کي ٿيڻ وارو آھي. ھن اھا ڳالھ فرانس جي سفير نڪولس گالي سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ ٻنھي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي تفصيلي ڳالھيون ڪيون ويون. وڏي وزير سال 2022ع جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي بابت اڳڀرائي تي پڻ روشني وجهندي چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گھرن جي اڏاوت وارو ڪم تيزيءَ سان جاري آھي، جڏھن ته زراعت لاءِ زرعي زمينون ۽ آبپاشي نظام کي بحال ڪيو ويو آھي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت بھتري ڏانھن وڃي رھي آھي پر گذريل معيشت جي صورتحال سبب ترقياتي پروگرام متاثر ٿيا. ھن وڌيڪ چيو ته ھاڻي معيشت ۾ بھتري ٿي رھي آھي، جنھن جو فائدو سڄي ملڪ کي ٿيڻ وارو آھي. ملاقات ۾ زرعي ٽيڪس بابت ڳالھائيندي وڏي وزير چيو ته آءِ ايم ايف زراعت تي پڻ ٽيڪس لڳائڻ چاھي پيو، پر صوبي ۾ زرعي ٽيڪس اڳ ئي لاڳو ھو. ھن چيو ته زرعي ٽيڪس 15 سيڪڙو کان وڌائي 45 سيڪڙو ڪيو ويو آھي، جيڪو آبادگارن تي ھڪ وڏو بار ٿيندو. دھشتگردي ۽ سيڪيورٽي صورتحال بابت ڳالھائيندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان ۾ دھشتگردي اندروني معاملو ناھي پر اھا پرڏيهي سازش تحت ٿي رھي آھي. ھن چيو ته ملڪ ۾ دھشتگردي تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو آھي ۽ سيڪيورٽي ادارا سندن ڀرپور ڪردار ادا ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته سنڌ ۾ امن امان واري صورتحال تمام بهتر آھي، جيڪا پڻ سرمائيدارن لاءِ فائديمند آھي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) تحت ڪيترن ئي اھم رٿائن کي مڪمل ڪيو آھي ۽ وڌيڪ منصوبا پڻ جاري آھن. ھن فرانس جي ڪمپنين کي واٽر ڊيسلينيشن جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي. فرانس جي سفير فرانس جي ڪمپنين جي سنڌ ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاھر ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته سنڌ حڪومت مختلف منصوبن جي فھرست فرانس جي سفير کي فراهم ڪندي ته جيئن فرانس جي ڪمپنين کي سنڌ ۾ آڻي سگھجي. فرانس جي سفير سنڌ جي وڏي وزير کي يو اين اوشين ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جيڪا 9 کان 13 جون 2025ع تائين فرانس ۾ منعقد ٿيندي. ان موقعي تي وزيراعليٰ جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ فرانس جو قونصل جنرل پڻ موجود ھئا.