حيدرآباد-07 فيبروري (اي پي پي) سنڌ حڪومت پاران سنڌُو درياهه جي ڄامشورو لڳ سياحتي ماڳ المنظر تي سنڌ رور گيمز 2025ع شروع ٿي ويُون آهن، جنهن ۾ مختلف رانديُون کيڏيُون پيُون وڃن. راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جي صوبائي وزير محمد بخش خان مهر چيو آهي ته سنڌ رور گيمز جو مقصد نوجوانن کي معياري راندين جون سرگرميون فراهم ڪرڻ آهي. المنظر ڄامشوري ۾ ٽن ڏينهن جي سنڌ رور گيمز 2025ع جي افتتاحي تقريب کان خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جو عزم آهي ته راندين ۽ صحتمند سرگرمين کي هٿي ڏني وڃي، ان ڪري هي ٽن ڏينهن تائين هلندڙ سنڌ رور گيمز 2025ع سنڌو درياهه جي ڪناري تي ڄامشورو ۾ منعقد ڪيو پيون وڃن.
صوبائي وزير چيو ته هن ايونٽ ۾ 12 رانديون شامل آهن، جن ۾ ملھ، والي بال، ڪوڏي ڪوڏي، رسه ڪشي، فٽ بال، گهوڙا سواري ۽ ٿرو بال شامل آهن. جنهن ۾ مختلف ضلعن جي 400 کان وڌيڪ نوجوان رانديگرن، جن ۾ عورتُون به شامل آهن، مقابلي ۾ حصو وٺي رهيا آهن.
صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت جو مقصد هن ايونٽ ذريعي ڄامشورو ۽ سنڌ جي ثقافتي خوبصورتي کي دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ آهي. هن چيو ته هن قدم جو مقصد نوجوانن ۾ راندين جي اهميت بابت آگاهي وڌائڻ ۽ انهن جي فعال شرڪت کي هٿي ڏيڻ آهي. صوبائي وزير ايندڙ سال ڄامشورو ۾ هڪ وڏو ايونٽ منعقد ڪرڻ جو اعلان به ڪيو ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به اهڙن پروگرامن کي سگهارو ڪرڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو اظهار ڪيو. هن زور ڀريو ته نوجوانن جي ذهني ۽ جسماني ترقي لاءِ رانديون ضروري آهن. افتتاحي تقريب ۾ راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري کاتي جي سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو غضنفر علي قادري، ڊائريڪٽر جنرل زراعت منير جماڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.