ڪٽڪ-07 فيبروري(اي پي پي) ڀارت ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 09 فيبروري تي ڪٽڪ ۾ کيڏي ويندي. ڀارتي ٽيم کي مهمان انگلينڊ ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل آهي. ڀارت پهرين ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ان کان اڳ ڀارت جي ٽيم پنجن ٽي – 20 انٽرنيشنل ميچن جي سيريز ۾ مهمان ٽيم انگلينڊ کي 4-1 تان شڪست ڏني هئي. انگلينڊ جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه ڀارت جي دوري تي آهي جتي ان ٽيم ميزبان ٽيم خلاف پنجن ٽي – 20 ميچن جي سيريز کيڏي آهي جڏهن ته ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز کيڏي ويندي. پنجن ٽي – 20 ميچن جي سيريز مڪمل ٿي چڪي آهي جيڪا ميزبان ڀارتي ٽيم 4-1 تان کٽي آهي.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 09 فيبروري تي ڪٽڪ ۾ جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 12 فيبروري تي احمد آباد ۾ کيڏي ويندي، ٽئي ون ڊي ميچون ڊي اينڊ نائٽ هونديون.