اسلام آباد-07 فيبروري(اي پي پي) پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز ڇنڇر کان شروع ٿيندي. ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم ٽه ملڪي سيريز ۾ شرڪت لاءِ لاهور پهچي وئي آهي. سيريز کيڏڻ لاءِ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم سڌي ريت دبئي جي خانگي ايئر لائن ذريعي لاهور پهتي ، ٽيم کي سخت سيڪيورٽي قدمن هيٺ لاهور جي خانگي هوٽل پهچايو ويو. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم مڪمل آرام ڪرڻ کان پوءِ ڇنڇر کان پريڪٽس سيشن جي شروعات ڪندي، واضح رهي ته ٽه ملڪي سيريز جي افتتاحي ميچ ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏي ويندي.