اسلام آباد-06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي انتظام ھيٺ پريزيڊنٽ ٽرافي گريڊ ون ڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ جو ڇھون رائونڊ 7 فيبروري کان شروع ٿيندو ۽ مختلف وينيوز تي ميچون کيڏيون وينديون. پي سي بي طرفان جاري ڪيل تفصيلن مطابق پي ٽي وي ۽ واپڊا جي ٽيمن وچ ۾ راشد لطيف اڪيڊمي گرائونڊ ۾ مقابلو ٿيندو. ھائر ايجوڪيشن ۽ ايس اين جي ايل وچ ۾ ميچ يو بي ايل اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ کيڏي ويندي. ڪي آر ايل ۽ غني گلاس جون ٽيمون سي سي اي ايسوسي ايشن اسٽيڊيم ۾ آمھون سامھون ٿينديون.جڏھن ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ ايشال ايسوسي ايٽس وچ ۾ ميچ اسٽيٽ بئنڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.