ڍاڪا-06 فيبروري ( اي پي پي ) بنگلاديش پريمئير ليگ ( بي پي ايل ) جي يارهين ايڊيشن جو فائنل دفاعي چيمپئين فارچيون باريشال ۽ چٽاگانگ ڪنگز وچ ۾ 7 فيبروري جمعي ڏينهن کيڏيو ويندو، دفاعي چيمپئين فارچيون باريشال جي ٽيم اڳ ئي فائنل ۾ پهچي چڪي هئي جڏهن ته فارچيون باريشال ڪواليفائر ون ۾ چٽاگانگ ڪنگز کي 9 وڪيٽن تان هارائي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو . چٽاگانگ ڪنگز ڪواليفائر ٽو ميچ ۾ کلنا ٽائگرز کي 2 وڪيٽن تان هارائي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو. بنگلاديش پريمئير ليگ ( بي پي ايل) جا دلچسپ مقابلا بنگلاديش ۾ جاري آهن.