روٽرڊيم- 04 فيبروري (اي پي پي) روس جي مشهور اسٽار ۽ ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊ ڊينيئل مدويديف اي بي ايمرو اوپن ٽينس ٽورنامنٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي ڪامياب شروعات ڪندي ٻئين رائونڊ ۾ پهچي ويو آهي. روس جو 28 سالن جو ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جو سيڪنڊ سيڊ ڊڊينيئل مدويدف بهترين راند پيش ڪندي مردن جي سنگل مقابلن جي شروعات ۾ وائلڊ ڪارڊ انٽري حاصل ڪندڙ مخالف سوئس ٽينس اسٽار سٽانسلاس وارورينڪا کي هارائي ٻئين رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. نيدرلينڊ جي مشهور شهر روٽر ڊيم آهوئي ۾ اي بي اين ايمرو اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جا دلچسپ مقابلا جاري آهن، جن ۾ مداحن کي بهترين مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.