ناگپور- 03 فيبروري (اي پي پي) ڀارت ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 6 فيبروري تي ناگپور ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ڀارت جي ٽيم 5 ٽي – 20 سيريز ۾4-1 تان انگلينڊ کي شڪست ڏئي چڪي آهي. انگلينڊ جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ ڪلهه ڀارت جي دوري تي آيل آهي جتي اها ميزبان ٽيم خلاف پنجن ٽي – 20 ۽ ٽن هڪ ڏينهن وارين عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ڀارت ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 5 ون ڊي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 9 فيبروري تي ڪوڪٽڪ ۾ جڏهن ته ٽي ۽ آخري ون ڊي ميچ 12 فيبروري تي احمد آباد ۾ کيڏي ويندي. ون ڊي سيريز جون ٽئي ميچن ڊي اينڊ نائيٽ هونديون.