ڪوالالمپور- 30 جنوري (اي پي پي) آءِ سي سي انڊر – 19 ويمنز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ ۾ انتھائي دلڪش ۽ ڪانٽيدار مقابلن جو سلسلو جاري آھي جيڪو پڄاڻي جي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آھي. ميگا ايونٽ ۾ 31 جنوري تي ٻن سيمي فائنل ميچن جو فيصلو ٿيندو. ايونٽ جي پھرين سيمي فائنل ميچ دفاعي چيمپئين ڀارت ۽ انگلينڊ جي انڊر -19 ويمنز ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي جڏھن ته ٻي سيمي فائنل ميچ ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا جي انڊر – 19 ويمنز ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي انتظام ھيٺ آءِ سي سي انڊر – 19 ويمنز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ ۾ انتھائي دلڪش ۽ ڪانٽيدار مقابلا عروج تي پھچي چڪا آھن، جنھن ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن کي شاندار ڪرڪٽ ڏسڻ وٽان ملي رھي آھي. ميگا ايونٽ ۾ 31 جنوري تي ٻه سيمي فائنل ميچون کيڏيون وينديون جنھن کانپوءِ فائنل لاءِ ٽيمن جو فيصلو ٿيندو. ميگا ايونٽ جون ٻه سيمي فائنل ميچون بايوماس اوول، ڪوالالمپور ۾ کيڏيون وينديون. ميگا ايونٽ جي فائنل ميچ 2 فيبروري تي بايو ماس اوول، ڪوالالمپور ۾ کيڏي ويندي.