سنگاپور-30 جنوري (اي پي پي) روس جي ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ اينانڪولائيونا ڪالنسڪيا سنگاپور اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ وومينز سنگلز مقابلن ۾ پنهنجي اڳڀرائي جاري رکندي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي وئي . روس جي 26 سالن جي ٽينس اسٽار اينانڪولائيونا ڪالنسڪيا بهترين راند پيش ڪندي وومين سنگلز مقابلن جي ٻي رائونڊ ۾ سوئٽزرلينڊ جي مخالف رانديگر سيموناوالٽرٽ کي هارائي ٽاپ ايٽ رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو. سنگاپور اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا سنگاپور جي ڪالنگ ٽينس سينٽر ۾ جاري آهن جنهن ۾ مداحن کي بهترين مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. گذريل ڏينهن وومين سنگلز مقابلن جي ٻي رائونڊ ۾ روس جي 26 سالن جو ٽينس اسٽار اينانڪولائيونا ڪالنسڪيا شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي سوئٽزرلينڊ جي مخالف رانديگرياڻي سيمونا والٽريٽ کي اسٽريٽ سيٽس ۾ ٽائي بريڪ تي 6-2 ۽ 7-6 ( 7-3 ) تان هارائي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو ۽ ڪوارٽر فائنل رائونڊ لاءِ به ڪواليفائي ڪيو.