ڪراچي-29 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت صوبي ۾ صحت جي سهولتن جي بنيادي اسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان طبي تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون ۽ صحت جي خدمتن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هن، جي پي ايم سي جي ڪينسر سهولت، اين آءِ سي وي ڊي ۽ گمبٽ انسٽيٽيوٽ جهڙن ادارن جي سهڪار جو اعتراف ڪيو جيڪي سرحد پار عوام جي خدمت ڪن ٿا. هن صوبائي سرڪاري اسپتالن جو پڻ ذڪر ڪيو جيڪي خانگي شعبي سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙو اظهار هن ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز آف پاڪستان جي 58 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير گريجوئيٽ شاگردن کي ياد ڏياريو ته انهن کي نه رڳو انفرادي مريضن جي صحتيابي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي پر سماج جي مجموعي صحت ۽ ڀلائي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. هن گريجوئيٽس کي ياد ڏياريو ته اهي پنهنجي خدمتن کي اسپتالن ۽ ڪلينڪن کان اڳتي وڌي ڳوٺن ۽ ڏورانهن علائقن تائين پهچڻ ۽ صحت جي مسئلن کي حل ڪرڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن اوهان پنهنجي پروفيشنل سفر تي نڪرندو ته ياد رکڻ گهرجي ته طبي مهارت جيان اخلاقي رويو ۽ همدردي پڻ خاص آهن. هن چيو ته پنهنجن مريضن سان سٺو سلوڪ رکو سندن عزت ۽ احترام ڪريو ۽ هميشه انهن جي ڀلائي کي ترجيح ڏيو. وڏي وزير گريجوئيشن ڪندڙ ماهرن کي مبارڪباد ڏيندي انهن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي علم ۽ صلاحيتن کي قوم جي ڏکن کي گهٽائڻ لاءِ استعمال ڪن. هن سي پي ايس پي کي معياري تعليم ۽ پيشيوراڻي مهارت جو هڪ مشعل قرار ڏيندي تعليمي فضيلت، انتظامي خودمختياري، ۽ سماجي ذميواري جي اهميت تي زور ڏنو. وڏي وزير چيو ته ڪنهن به قوم جي طاقت ان جي معياري ادارن ۾ هوندي آهي ۽ سي پي ايس پي انهن ڪجهه ادارن مان آهي جنهن پاڪستان کي قومي ۽ بين الاقوامي طور تي سڃاڻپ ڏياري آهي. هن ٻيهر ورجايو ته طبي پيشي جي گريجوئيٽس کي بيمارن جي خدمت ڪرڻ ۾ همدردي، اخلاقي رويي ۽ محنت کي برقرار رکڻ گهرجي. طبي پيشي جي حمايت لاءِ خاندانن ۽ پاڪستاني عوام پاران ڏنل قربانين کي اجاڳر ڪندي وڏي وزير گريجوئيٽس کي همدردي ۽ پيشيوراڻي مهارت ذريعي سماج جي پڻ خدمت ڪن. مون کي سي پي ايس پي جي قابليت تي ڀروسو آهي ته هو پنهنجي شاندار طبي ماهرن جي خدمت جاري رکندو. ڪاليج جو ڌيان تعليمي فضيلت، تحقيق ۽ جدت تي هئڻ سان يقيني بڻائيندو ته اسان جو صحت جو نظام قابل هٿن ۾ آهي. وڏي وزير سي پي ايس پي جي ترقي ۽ ڪاميابين جي واکاڻ ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهو وڌيڪ پنهنجو سفر جاري رکندا. سي پي ايس پي جو مستقبل ان جي نوجوان ماهرن جي هٿن ۾ آهي. پيشيوراڻي صلاحيت ۽ اعليٰ قدرن کي هٿي وٺرائڻ سان هي ادارو پاڪستان لاءِ عزت جو سبب بڻجندو. ڪانووڪيشن ۾ سي پي ايس پي جي صدر پروفيسر محمد شعيب شفيع، رائل ڪاليج آف ايڊنبرا جي صدر پروفيسر اينڊريو، بنگلاديش ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز جو صدر پروفيسر شهيد الله، پروفيسر خالد مسعود گوندل، سينئر فيڪلٽي، ۽ گريجوئيٽ ماهرن شرڪت ڪئي.