اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيٽ ۾ پارلياماني ليڊر، حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاڻ ڳالهيون شروع ڪيون ۽ عملي طور ڳالهيون ختم ڪري ڇڏيون، حڪومتي ڪميٽي 31 جنوريءَ تائين موجود رهندي، ان دوران پي ٽي آءِ ٻيهر اسپيڪر سان رابطو ڪيو ته اسان جي ڪميٽي ان سان ڳالهيون ڪندي، غير جانبدار قانوني ماهرن کان راءِ ورتي ۽ ڪوشش ڪئي ته سندن مطالبن کي وڌ کان وڌ قابل عمل بڻائي سگهجي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ پاڻ ڳالهين جي شروعات ڪئي، سندن طرفان 5 ڊسمبر تي ڪميٽي بڻائي وئي جنهن جا 3 اجلاس منعقد ٿيا، پي ٽي آءِ 42 ڏينهن کانپوءِ پنهنجا مطالبا پيش ڪيا هئا جنهن کان پوءِ اسان انهن مطالبن تي صرف 7 ڏينهن گُهريا هئا ۽ وڏو جامع ڪم ڪيو. هن چيو ته حڪومتي ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته پنهنجي جواب جا تفصيل جاري نه ڪيا ويندا ڇاڪاڻ ته ڪميٽي جو ڪميٽيءَ سان معاملو هو، جيڪڏهن هو اچن ته اسان پنهنجو جواب انهن آڏو رکنداسين، اهي ان کي پڙهن ۽ جائزو وٺن ۽ جن نُڪتن تي کين اعتراض هجي ان کي کڻن ها يا پنهنجي نُڪتا شامل ڪن ها ته پوءِ شايد ڪجهه معاملا بهتر ٿي وڃن ها، يا پوءِ اسان انهن جا مطالبا ۽ پنهنجي جواب تي هڪ ٻي ملاقات ڪري وٺون ها ته ڳالهه اڳيان وڌڻيون آهن يا نه، ڇاڪاڻ ته انهن جي 31 ڊسمبر جي ڊيڊ لائن برقرار آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ پي ٽي آءِ نه آئي ان لاءِ ڳالهين جو سلسلو عملي طور ختم ٿي چڪو آهي، اسان جي ڪميٽي هاڻ به قائم آهي، اسان ان کي ختم ناهي ڪيو، اها ڪميٽي 31 جنوريءَ تائين موجود رهندي، جيڪڏهن ان دوران پي ٽي آءِ حڪومت سان رابطو ڪري ٿي ته اسان جي ڪميٽي 31 جنوريءَ کان پهرين پهرين انهن سان گڏ ويهندي ۽ جيڪڏهن هو 31 جنوريءَ کان پوءِ به هي عمل جاري رکڻ چاهين ٿا ته اسان جاري رکنداسين. هن چيو ته پي ٽي آءِ 28 تاريخ کان 5 ڏينهن پهريان 23 جنوريءَ تي فيصلو ڪري ورتو ۽ هڪ طرفي طور تي ان جو اعلان ڪري ڇڏيو، اصل شيءِ اها هئي ته هو ان سلسلي کي ختم ڪرڻ چاهيندي هئي، ان جي ٻي ڪا ترجيح ۽ حڪمت عملي هوندي جيڪا اسان کي معلوم ناهي. هن چيو ته جنهن عمل کي هنن شروع ڪيو هو ان کي پاڻ ئي ختم ڪري ڇڏيو. سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اسان وڏي صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو، هوڏانهن سول نافرماني جي تحريڪ هلي، پئسا نه موڪلڻ جو چيو ويو، خطرناڪ ٽوئيٽس آيا، آرمي چيف ۽ هٿياربند فوج تي حملا ڪيا ويا، اسان جي وزيراعظم کي گاريون ڏنيون ويون، اسان ان کي به برداشت ڪيو، اسان ڪنهن شيءِ کي جواز نه بڻايو، ٽوئيٽس جي به گلا نه ڪئي، سول نافرماني تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي درخواست به نه ڪئي. هن چيو ته اسان سٺي طريقي سان ڳالهين جي طريقيڪار تحت اڳيان وڌندا رهياسين پر انهن اهو طرزِ عمل اختيار ڪري اسپيڪر جي به توهين ڪئي آهي، جنهن سان رابطو ڪري هن وزيراعظم ذريعي اها ڪميٽي بڻائي هئي، اسان جي به بيعزتي ڪئي آهي ۽ جمهوري روايتن کي به نقصان پهچايو آهي. سينيٽر واضح ڪيو ته هاڻ حڪومتي ڪميٽي نه ئي پي ٽي آءِ کان مطالبو ڪري رهي آهي ته هو اچن، نه سندن انتظار ڪري رهي آهي ته اچن ۽ نه ئي انهن وٽ ڪو پيغام کڻي وينداسين ته هو اچن، ها جيڪڏهن هو پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪن ٿا ته اسان غور ڪنداسين ته اسان جو ردعمل ڇا هوندو.