ڪراچي-28 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 2024ع ۾ پوليو جي ڪيسن ۾ خطرناڪ اضافو ٿيو، سنڌ ۾ 22 ڪيس رپورٽ ٿيا جن ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 8، ڪراچي ڊويزن ۾ 6، حيدرآباد ڊويزن ۾ 4، سکر ڊويزن ۾ 2، شهيد بينظير آباد ڊويزن ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ هڪ هڪ پوليو جا مريض شامل آهن، جنهن کانپوءِ پوليو خلاف مهم کي وڌيڪ تيز هلائڻ جي ضرورت آهي۔ اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پوليو جي خاتمي بابت صوبائي ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. وڏي وزير چيو ته اسان کي پنهنجن ٻارن کي هن مرض کان بچائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير ايندڙ قومي حفاظتي ٽڪا مهم جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني جيڪا 3 کان 9 فيبروري 2025 تائين منعقد ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وڏي وزير پنجن سالن کان گهٽ ڄمار جي هر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ 1257 يونين ڪائونسلن ۾ 10.6 ملين ٻارن کي ويڪسين لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو اجلاس کي ٻڌايو ته 81000 کان وڌيڪ فرنٽ لائن ورڪرز اورل پوليو ويڪسين (او پي وي) مهم ۾ حصو وٺندا. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڊسمبر 2024ع جي پوليو مهم دوران ڪراچي شهر ۾ 2178328 گهر يعني 96 سيڪڙو ڪور ڪيو ويو، جڏهن ته 80804 گهر باقي رهيا جن مان 45215 گهرن انڪار ڪيو آهي. ان تي وڏي وزير ڪراچي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته مقامي ماڻهن کي پوليو مهم ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن انڪار جي رجحان کي گهٽائي سگهجي. صوبائي ڪوآرڊينيٽر ارشاد سوڍڙ وڏي وزير کي ٻڌايو ته حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد ۽ سکر ۾ 100 سيڪڙو گهرن کي ڪور ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي جي هاءِ رسڪ يونين ڪائونسلن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اسان جو مقصد پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪرڻ جي رجحان کي گهٽائڻ آهي. ڪراچي جي ڪچي آبادي ۾ انڪار ڪندڙ ڪيسن جو انگ 98 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سڀني ضلعي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته اهي مهم جي نگراني ۾ ذاتي طور تي سرگرم رهن ته جيئن فيلڊ مانيٽرنگ، ڪميونٽي جي شموليت ۽ پوليو ورڪرن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته هي اسان جي گڏيل ذميواري آهي ۽ اسان ڪنهن به ٻار کي غير محفوظ ڇڏڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. هن والدين، مذهبي اڳواڻن ۽ برادرين کي اپيل ڪئي ته اهي پوليو خلاف مهم کي سپورٽ ڪن. آخر ۾ سڀني اسٽيڪ هولڊرن 2025ع تائين پوليو جي خاتمي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڪمل عزم جو اظهار ڪيو ۽ اجلاس جي پڄاڻي سنڌ جي پوليو کان پاڪ مستقبل لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڪراچي ڪمشنر حسن نقوي، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ، سينئر سرڪاري عملدارن، اي او سي سنڌ جو صوبائي ڪوآرڊينيٽر ارشاد علي سوڍڙ ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او)، يونيسيف، بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ روٽري انٽرنيشنل جا نمائندا موجود هئا.