گال-28 جنوري (اي پي پي) سريلنڪا ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 29 جنوري کان 2 فيروري تائين گال انٽر نيشنل اسٽيڊيم، گال ۾ کيڏي ويندي. آسٽريليا جي مردن جي ٽيم اڄڪلهه سريلنڪا جي دوري تي آهي جتي ميزبان ٽيم خلاف ٽيسٽ ۽ ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ آسٽريليا جي ٽيم کي بهترين بيٽسمين اسٽيون سمٿ اڳواڻي ڪندو جڏهن ته ميزبان آئيلينڊرز جي ٽيم دهنن جايا ڊي سلوا جي قيادت هيٺ ميدان ۾ ايندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ سيريز آئي سي سي ٽيسٽ چيمپئينشپ جو حصو آهي.ٻنهي ٽيمن جا ڪپتان ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي لاءِ ميدان ۾ ايندا. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 6 کان 10 فيبروري تائين گال انٽر نيشنل اسٽيڊيم گال ۾ کيڏي ويندي. ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 12 فيروري تي ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ۽ آخري ون ڊي ميچ 14 فيروري تي ساڳئي هنڌ کيڏي ويندي.