اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد چيو آهي ته ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس نوجوان قيادت جي متحرڪ ڪردار کي سگهه ڏيڻ جو موثر پليٽ فارم مهيا ڪندو. ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس (ڪايا) سمٽ کي خطاب ڪندي پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد نمائندن جي آجيان ڪندي چيو ته علائقائي ڪميونٽي جي حيثيت سان انهن جي هتي موجودگي يڪجهتي جي جذبي جي عڪاس آهي. هن چيو ته ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ سيڪريٽريٽ جو قيام خوش آئنده ۽ پاڪستان جي نوجوانن تي اعتماد جو مظهر آهي. هن چيو ته ڪامن ويلٿ ايشيا يوٿ الائنس نوجوان قيادت جي متحرڪ ڪردار کي سگهه ڏيڻ جو موثر پليٽ فارم مهيا ڪندو ۽ اهو اسان جي قوم جي نوجوان نسل جي وچ ۾ مڪالمي جي فروغ ۾ سهولت ڏيندو. هي پليٽ فارم جوڙيل ويزن کي عملي جامعو پارائيندي نوجوانن کي ترقي، جدت ۽ جامع شموليت جي عمل ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪرڻ جا فعال موقعا ميسر ڪندو. راڻا مشهود چيو ته موجوده حڪومت نوجوانن جي صلاحيتن کي نکارڻ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ ڏورس قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته نوجوان نسل کي موقعا فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ سان ملڪ ترقي ڪندو ڇو ته اهي نوجوان سڀاڻي ملڪ کي سنڀاليندا. هن چيو ته دانش اسڪولز ۽ نوجوانن کي قرض فراهم ڪرڻ جهڙا قدم ساراهه جوڳا آهن. ان موقعي تي وزيراعظم نيشنل يوٿ ڪائونسل جي ميمبرن کان حلف ورتو. وزيراعظم نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ نوجوانن ۾ ايوارڊز پڻ ورهايا.