اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سياسي پارٽين جا پاڻ ۾ رابطا ۽ ڳالهه ٻولهه جمهوريت جو روح آهي، انهن رابطن سان ملڪ ۽ قوم کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، ڳالهه ٻولهه کان پاسو ڪرڻ غيرجمهوري رويو آهي جنهن سان ڇڪتاڻ جو ماحول پيدا ٿئي ٿو ۽ قومي يڪجهتي جي فضا کي پڻ نقصان پهچي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪندڙ حڪومتي ڪميٽي جي ترجمان سينيٽر عرفان صديقي سان ڳالهائي رهيو هو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي هنگامن، ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءُ جي نه پر مفاهمت ۽ هم آهنگي جي ضرورت آهي ته جيئن قومي معيشت جي تعمير ۽ دهشتگردي جي خاتمي جهڙن مسئلن بابت گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي ۽ عالمي سطح تي پڻ ان جي وقار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، اسان ڪنهن کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏينداسين ته هو غيرجمهوري روين سان تعمير ۽ ترقي جي ان عمل جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهي. سينيٽر عرفان صديقي وزيراعظم کي پي ٽي آءِ ڪميٽي سان ڳالهين جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو.