ملتان – 27 نومبر (اي پي پي ) ويسٽ انڊيز جي ڀلوڙ اسپن بالر جومل واريڪن جي جادوئي بالنگ سبب ويسٽ انڊيز پاڪستان کي ٻي ۽ آخري ڪرڪيٽ ٽيسٽ ميچ ۾ 120 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز جي آخري ميچ 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي. مهمان ٽيم ويسٽ انڊيز 35 سالن بعد پاڪستان کان سندس ڌرتي تي ٽيسٽ ميچ کٽي آهي. ان کان اڳ 1990ع ۾ ويسٽ انڊيز پاڪستان کي سندس هوم گرائونڊ تي ڪنهن ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست ڏني هئي. پاڪستان جي ٽيم 254 رنسن جي هدف پويان پنهنجي ٻي اننگ ۾ 133 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. جومل واريڪن جي بالنگ آڏو پاڪستاني جي بيٽنگ لائين واريءَ جي ڀت ٿابت ٿي. پاڪستان پاران بابراعظم 33 ۽ محمد رضوان 25 رنسون ٺاهي سگهيا. ويسٽ انڊيز جي اسپن بالر واريڪن کي ميچ ۾ مجموعي طور 9 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف دي ميچ ۽ سيريز قرار ڏنو ويو.