چنائي – 27 جنوري (اي پي پي ) ڀارت ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ميچ اڱارو 28 جنوري تي نرنجن شاهه اسٽيڊيم، راجڪوٽ ۾ کيڏي ويندي. ڀارت جي مردن جي ٽيم کي انگلينڊ جي ٽيم خلاف ٽي – ٽوئنٽي سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل آهي.