سينٽ ڪٽس – 27 جنوري (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش جي وومينز ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات اڱارو 28 جنوري کان پهرين ميچ سان ٿيندي، اها ميچ وارنر پارڪ، باسيٽري، سينٽ ڪٽس واري هنڌ کيڏي ويندي. بنگلاديش جي ٽيم اڄ ڪلهه ويسٽ انڊيز جي دوري تي آهي جتي هو ميزبان ويسٽ انڊيز جي وومينز ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ون ڊي سيريز مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن ۾ ويسٽ انڊيز جي وومينز ٽيم بنگلاديش جي ٽيم کي 2-1 تان شڪست ڏني. ٽي – ٽوئنٽي سيريز ۾ ويسٽ انڊيز وومينز ٽيم جي اڳواڻي هيلي ميٿويز ڪندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 30 جنوري تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ پهرين فيبروري تي کيڏي ويندي.