اسلام آباد-24 جنوري(اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان يونيورسٽي آف لنڊن جي وائس چانسلر پروفيسر وينڊي ٿامسن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران قانوني تعليم ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات دوران ليگل ايجوڪيشن پاڪستان جي ڊائريڪٽر بيرسٽر اسامه ملڪ پڻ موجود هو. اجلاس ۾ يونيورسٽي آف لنڊن جي لا ڊگري پروگرام جي حوالي سان قدمن تي ڌيان ڏنو ويو جنهن ۾ پاڪستاني قانون جي مضمونن جي نصاب کي شامل ڪرڻ ۽ قانون جي گريجويٽس جي تربيت کي بهتر بڻائڻ شامل آهي .قانون واري وزير۽ پروفيسر ٿامسن ٻنهي پاڪستان ۾ قانوني تعليم کي مضبوط بڻائڻ لاءِ بيريسٽر اسامه ملڪ جي ڪوششن جي تعريف. وفاقي وزير يونيورسٽي آف لنڊن جي ايڪسٽرنل لا ڊگري پروگرام جي معيار جي پڻ تعريف ڪئي.