ڪراچي-24 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان عمان جي قونصل جنرل انجنيئر سميع عبدالله الخانجاري 6 رڪني بزنس وفد سان گڏجي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي عمان جو ناليوارو بزنس مين عبدالرزاق هرياني به موجود هو. ملاقات ۾ صوبي ۾ سيڙپڪاري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفد مختلف شعبن ۾ پنهنجي دلچسپي جو اظهار ڪيو. گورنر چيو ته صوبي جا ڪيترائي شعبا سيڙپڪاري لاءِ انتهائي پرڪشش آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايس آءِ ايف سي وسيلي سيڙپڪارن کي هرممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. عمان جي قونصل جنرل چيو ته عمان جا سيڙپڪار صوبي جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ ڀرپور دلچسپي رکن ٿا.