ڪراچي-24 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جيڪو يونيورسٽين جو چانسلر پڻ آهي سنڌ يونيورسٽي ۾ پاڻي جي اڻاٺ سبب آن لائين ڪلاسن واري فيصلي جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گورنر هائوس مان جاري ڪيل پريس رليز موجب گورنر آن لائين ڪلاسن واري فيصلي تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي شاگردن جي تعليمي نقصان تي فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. گورنر چيو ته تعليمي سرگرمين کي جاري رکڻ لاءِ متبادل انتظام ڪيا آهن.