ڪراچي-24 جنوري (اي پي پي) سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيوآهي ته سنڌ حڪومت صحافين جي قربانين ۽ خدمتن جو اعتراف ڪري ٿي، مشڪل وقت هجي يا سازگار حالتون، پيپلز پارٽي سدائين صحافين سان گڏ بيٺل رھي آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪراچي يونين آف جرنلسٽس (ڪي يو جي) جي هڪ وفد سان ملاقات دوران ڪيو، ڪي يو جي جي وفد ۾ صدر حسن عباس ۽ جنرل سيڪريٽري لبنيٰ جرار شامل هئا۔ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪي يو جي جي نئين چونڊيل باڊي کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.ان موقعي تي ڪي يو جي جي وفد پيڪا قانون بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو. ڪي يو جي جي اڳواڻن صحافين جي حمايت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي تاريخي ڪردار جي تعريف ڪئي. ڪي يو جي جي اڳواڻن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پيڪا قانون بابت صحافين جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. جنهن تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آئون ذاتي طور تي صحافين جي خدشن بابت پارٽي قيادت کي آگاهه ڪندس. هن وفد کي يقين ڏياريو ته صحافين جي مسئلن کي اوليتي بنيادن تي حل ڪيو ويندو. ملاقات جي موقعي تي سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات سليم خان پڻ موجود هئا.