ميلبورن _ 24 جنوري (اي پي پي) بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار، عالمي نمبر ون، ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ۽ دفاعي چيمپئين آرينا سبالينڪا ۽ آمريڪي ٽينس اسٽار ميڊيسن ڪيز آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ وومينز سنگلز مقابلن ۾ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب فائنل ۾ پهچي ويون جڏهن ته پولينڊ جي نالي واري ٽينس اسٽار عالمي نمبر ٽو ميگا ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ ۽ پنج سنگلز گرينڊ سلام ٽائٽلز جي فاتح آئيگا سويٽنڪ ۽ هسپانوي ٽينس اسٽار پالابدوسا آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ وومينز سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ هارائي ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويون. دفاعي چيمپيئن آرلينا سبالينڪا وومينز سنگلز سيمي فائنل ميچ ۾ هسپانوي ٽينس اسٽار پالابدوسا کي شڪست ڏني جڏهن ته آمريڪي ٽينس اسٽار ميڊيسن ڪيز پولينڊ جي نالي واري ٽينس اسٽار آئيگا سويٽيڪ کي شڪست ڏئي پنهجي ڪيريئر جي ٻئين فائنل ميچ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. عالمي نمبر ون ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ۽ دفاعي چيمپئين آريناسبالينڪا شاندار راند پيش ڪندي مخالف هسپانوي ٽينس اسٽار پالا بدوسا کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 6-4 ۽ 6-2 سان نه رڳو هارايو پر ميگا ايونٽ ۾ وومينز سنگلز مقابلن جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو. ميگا ايونٽ ۾ ٻئين سيمي فائنل ميچ ۾ آمريڪي ٽينس اسٽار ميڊيسن ڪيز بهترين راند پيش ڪندي پولينڊ جي مشهور ٽينس اسٽار عالمي نمبر ٽو ميگا ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ ۽ پنج سنگلز گرينڊ سلام جي فاتح آئيگا سويٽيڪ کي 5-7، 6-1 ۽ 7-6 (10-8) تان هارائي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو.