اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جي افتتاحي تقريب ۾ جرمن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ورلڊ بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر جنهن جو تعلق جرمني سان آهي، جي اعزاز ۾ جرمن زبان ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني معيشت جي ترقي جي لاءِ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ورلڊ بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم پاڪستان حڪومت جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ کي ڪامياب بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ سان ملڪ ۾ تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي ايندي، معاشي استحڪام کانپوءِ هاڻي ملڪ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن آهي. وزيراعظم تقريب ۾ پنهنجي گهڻ رخي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم سعودي ۽ اماراتي سفير کي مخاطب ڪري عربي ۾ خوشگوار ڳالهه ٻولهه ڪئي.