ميلبورن-23 جنوري (اي پي پي) اٽلي جي ٽينس اسٽار سائمن بوليلي ۽ سندس هم وطن جوڙي دار اينڊريا واواسوري تي ٻڌل ٿرڊ سيڊڊ جوڙي آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي ڊبلز مقابلن ۾ پنهنجي ڪاميابين کي جاري رکندي فائنل ۾ پهچي وئي. مردن جي ڊبلز مقابلن جي سيمي فائنل رائونڊ ميچ ۾ اٽلي جي ٽينس اسٽار سائمن بوليلي ۽ سندس هم وطن جوڙي دار اينڊريا واواسوري تي ٻڌل ٿرڊ سيڊد جوڙي بهترين راند پيش ڪندي سويڊن جي آندري گورنسن ۽ سندس نيدر لينڊز جي جوڙيدار سيم وربيڪ کي هارايو. آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا ميلبورن ۾ جاري آهن. گذريل ڏينهن مردن جي ڊبلز مقابلن جي پهرين سيمي فائنل ميچ ۾ اٽلي جي ٽينس اسٽار سائمن بوليلي ۽ سندس هم وطن جوڙي دار اينڊريا واواسوري تي ٻڌل ٿرڊ سيڊڊ جوڙي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مخالف سويڊن جي آندري گورنسن ۽ سندس نيدر لينڊز جي جوڙي دار سيم وربيڪ کي 2-6 6-3 ۽ 6-4 تان هارائي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.