جميڪا-22 جنوري (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش جي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ 24 جنوري تي وارنر پارڪ باسيٽري، سينٽ ڪٽس ۾ کيڏي ويندي. اها ميچ ڊي نائٽ هوندي. ٻنهن ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچن جي سيريز آءِ سي سي ون ڊي چيمپئن شپ جو حصو آهي. ون ڊي سيريز ۾ ٻنهن ٽيمن هڪ، هڪ ميچ کٽي آهي.