پيرس-22 جنوري (اي پي پي) ايسوسي ايشن آف ٽينس پروفيشنلز (اي ٽي پي ٽور) جي اهتمام هيٺ اوپن سيڊڊي فرانس ٽينس ٽورنامينٽ 27 جنوري کان فرانس ۾ شروع ٿيندي. ٽورنامينٽ ڪامياب منعقد ڪرڻ لاءِ تياريون عروج تي آهن. اهو اوپن سيڊڊي فرانس ٽينس ٽورنامينٽ جو 38هون ايڊيشن هوندو جيڪو سيڊڊي فرانس ارينا ۾ کيڏيو ويندو. ٽورنامينٽ ان ڊور هارڊڪورٽ ۾ کيڏيو ويندو. جنهن ۾ ٽينس جي دنيا جا مشهور رانديگر ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مهاڏو اٽڪائيندا. اي ٽي پي ٽينس ايونٽ ۾ مينز سنگلز ۽ مينز ڊبلز مقابلا ٿيندا. ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن ۾ قازخستان جو ٽينس رانديگر اليگزينڊر ببلڪ اعزاز جو دفاع ڪندو جڏهن ته ڊبلز مقابلن ۾ ساڊيو ڊيومبيا ۽ سندس هم وطن جوڙي دار فيبين ريبول تي ٻڌل ميزبان جوڙي پنهنجي اعزاز جي دفاع لاءِ مقابلو ڪنديون. ٽورنامينٽ 27 جنوري کان 2 فيبروري جاري رهندو.