ڪوالالمپور- 20 جنوري (اي پي پي) آءِ سي سي وومنز انڊر 19 ٽي-20 ورلڊڪپ ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، فاتح ٽيم 67 رنسن جو هدف 10 اورزن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. گذريل ڏينهن جوهر اڪيڊمي اوول ۾ کيڏيل گروپ بي ميچ ۾ انگلينڊ انڊر 19 ٽيم ٽاس کٽي پهريان فلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت ٿيو، پاڪستان ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 18.5 اورزز ۾ 66 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، زوفشان اياز 15 رنسن ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهي، ڪپتان ڪومل خان 12، فاطمه خان 6، راويل فرحان ٻڙي، عريشه انصاري 4، ماهم انيس ٻڙي، مناهل 2، قرة العين احسن 10، ميمونه خالد 8 ۽ شهربانو ٻڙي تي آئوٽ ٿيون. انگليند جي سورن ڪمار 3 جڏهن ته اوليويا برنسڊن، ايواونيل ۽ ٽلي ڪولمين 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. جواب ۾ انگلينڊ ٽيم گهربل هدف 9.2 اوورزن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. ڪيٽي جونز 20 ۽ ڪپتان ايبي گيل نارگروو 14 رنس ٺاهي نمايان رهيون، ماهه نور زيب 2 جڏهن ته فاطمه خان ۽ قرة العين هڪ- هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، پاڪستان ٽيم گروپ بي ۾ پنهنجي ٽئين ۽ آخري ميچ اربع ڏينهن آئرلينڊ خلاف کيڏندي.