ميلبورن _20 جنوري (اي پي پي) بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار، عالمي نمبر ون، ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ۽ دفاعي چيمپئين آرينا سبالينڪا آمريڪي ٽينس اسٽار ۽ ٽورنامينٽ جي ٿرڊ سيڊڊ ڪوڪوگف ۽ اسپين جي ٽينس اسٽار پالابدوسا گيبرٽ آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتاڻي سنگلز مقابلن ۾ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جي بدولت ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون. عورتن جي سنگلز مقابلن جي پري ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ دفاعي چيمپئين آريناسبالينڪا شاندار راند پيش ڪندي هڪ طرفي مقابلي بعد روس جي حريف ميرا اليگزينڊر روونا اينڊ ريوا کي شڪست ڏئي ٽاپ ايٽ رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو جڏهن ته آمريڪا جي 20 سالن جي ٽينس اسٽار ڪوڪوگف پري ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ سوئيس حريف رانديگرياڻي بليندابنڪڪ کي شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو.