ميلبورن- 17 جنوري (اي پي پي ) بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار، عالمي نمبر ون، ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ۽ دفاعي چيمپئين آرينا سبالينڪا ۽ اسپين جي ٽينس اسٽار پالابدوسا گيبرٽ پنهنجي ڪاميابين جو سلسلو جاري رکندي آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويون. عورتن جي سنگلز مقابلن جي ٽئين رائونڊ ۾ دفاعي چيمپئن آرينا سبالينڪا شاندار راند پيش ڪندي هڪ طرفي مقابلي بعد ڊينمارڪ جي حريف رانديگر ڪلاراٽاسن کي شڪست ڏئي چوٿين رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو . جڏهن ته اسپين جي ٽينس اسٽار پالابدوسا گيبرٽ ٽئين رائونڊ ميچ ۾ يوڪرين جي حريف رانديگر مارٽا اوليونا ڪوسٽيوڪ کي شڪست ڏئي چوٿين رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو . آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ جاري 113 هين ميگا ايونٽ ۾ اربع ڏينهن کيڏيل وومينز سنگلز مقابلن جي ٽئين رائونڊ ۾ بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار، عالمي نمبر ون ۽ دفاعي چيمپئين آرينا سبالنڪا انتهائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي هڪ طرفي مقابلي بعد ڊينمارڪ جي حريف رانديگر ڪلارا ٽاسن کي ٽائي بريڪ اسٽريٽ ۾ 7-6 (7-5 ) ۽ 6-4 تان شڪست ڏئي ڇڏي.