لنڊن-17 جنوري (اي پي پي) انگلينڊ جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم هلندڙ مهيني ڀارت جو دورو ڪندي ۽ ميزبان ٽيم خلاف پنج ٽي- ٽوئنٽي ۽ 03 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي. انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ ( اي سي بي ) جي اعلان موجب انگلينڊ ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ 5 ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 22 جنوري تي پهرين ميچ سان ٿيندي، اها ميچ ايڊن گارڊنز ڪولڪته ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ 25 جنوري تي چنائي ، ٽئين ميچ 28 جنوري تي راجڪوٽ ، چوٿين ميچ 31 جنوري تي پوني جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 2 فيبروري تي ممبئي ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ 6 فيبروري تي کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ميچ 9 فيبروري تي ڪوڪٽڪ ۾ جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 12 فيبروري تي احمد آباد ۾ کيڏي ويندي. ٽئي ون ڊي ميچون ڊي اينڊ نائيٽ کيڏيون وينديون.