لنڊن – 16 جنوري (اي پي پي ) آرسنل انگلش پريمئير ليگ جي هڪ ميچ ۾ ٽونٽم هاٽپور کي هڪ طرفي مقابلي بعد 2-1 گول تان هارائي ڇڏيو، نيوڪيسل يونائيٽڊ هڪ طرفي مقابلي بعد وولور هيمپٽن وانڊررز کي 3-0 گولن تان هارائي ڇڏيو آهي. ڪرسٽل پيلس ليسٽرسٽي جي ٽيم کي 2-0 گولن تان شڪست ڏني جڏهن ته آسٽن ولا جي ٽيم ايورٽن کي 1-0 گول تان هارائي ڇڏيو . پريمئير ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن.