ڪينبرا -15 جنوري (اي پي پي) ويمنز ايشز سيريز ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ جي وومين ٽيمن وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ 17 جنوري تي هوبارٽ ۾ کيڏي ويندي. ويمنز ايشز سيريز ۾ آسٽريليا جي ويمن ٽيم کي انگلينڊ جي ويمن ٽيم خلاف 0-2 جي فيصلائتي برتري حاصل آهي. آسٽريلوي ويمنز ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ انگلينڊ جي وومين ٽيم کي 4 وڪيٽن تان هارايو هيو جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ميزبان آسٽريلوي ويمن ٽيم مهمان انگلينڊ جي وومين ٽيم کي 21 رنسن تان هارايو هيو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽئين ون ڊي ميچ 17 جنوري تي هوبارٽ ۾ کيڏي ويندي. آسٽريلوي ويمن ٽيم کي اليسا هيلي ليڊ ڪري رهي آهي جڏهن ته انگلينڊ جي وومين ٽيم کي هيٿرنائٽ ليڊ ڪري رهي آهي.