ميلبورن-14 جنوري (اي پي پي) بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار، عالمي نمبر ون، ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ ۽ دفاعي چيمپئن آرينا سبالينڪا ۽ آمريڪي ٽينس اسٽار ۽ ٽورنامينٽ جي ٿرڊ سيڊڊ ڪوڪوگوف کي آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ وومينز سنگلز مقابلن جي فاتحاڻي شروعات ڪندي ٻي رائونڊ ۾ پهچي ويون. وومينز سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ۾ دفاعي چيمپئن آرينا سبالينڪا شاندار راند پيش ڪندي هڪ طرفي مقابلي کانپوءِ آمريڪي مخالف سلوني سٽيفنز کي شڪست ڏئي ٻي رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو، جڏهن ته آمريڪا جي 20 سالن جي ٽينس اسٽار ڪوڪوگف شروعاتي رائونڊ ميچ ۾ هم وطن مخالف سوفيا ڪنين کي شڪست ڏئي ٻي رائونڊ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.