ڪينبرا-14 جنوري (اي پي پي) آسٽريليا ڪرڪيٽ (سي اي) جي انتظام هيٺ مينز بگ بيش ليگ ٽي-20 جو 14هون ايڊيشن آسٽريليا ۾ جاري آهي، جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي انتهائي سخت ۽ شاندار مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ليگ ۾ (اڄ) اربع ڏينهن تي هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو. ليگ جي 35هين ميچ ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز ۽ سڊني سڪسرز جي ٽيمن وچ ۾ اوول ايڊيليڊ ۾ کيڏي ويندي. بگ بيش ليگ مردن جو هڪ پيشيواراڻو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ آهي، جنهن ۾ 8 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. ٽورنامينٽ ۾ فائنل سميت ڪل 44 ميچون کيڏيون وينديون. ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ 27 جنوري 2025ع تي کيڏي ويندي.