ميبلورن- 13 جنوري (اي پي پي) جرمني جي مشهور ٽينس اسٽار ۽ ايونٽ جي سيڪنڊ سيڊڊ اليگزينڊر زيوروف ۽ ناروي جي ٽينس رانديگر ڪيسپررڊ آسٽريلين اوپن ٽينس ٽورنامنٽ مينز سنگلز مقابلن ۾ شاندار فاتحاڻي شروعات ڪندي ٻين رائونڊ ۾ پهچي ويو. 27 سالن جو روسي رانديگر ۽ ايونٽ جو سيڪينڊ سيڊيڊ اليگزينڊر زيوروف مردن جي سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪيو. هن ميگا ايونٽ ۾ وائلڊ ڪارڊ تي انٽري حاصل ڪندڙ فرانسيسي مخالف رانديگر لوڪاس پالي کي شڪست ڏئي ٻين رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو جڏهن ته ناروي جي ٽينس رانديگر ڪيسپررڊ شروعاتي رائونڊ ۾ هسپانوي رانديگر جمي انتوني منارڪلار کي شڪست ڏني.