ڪينبرا- 13 جنوري (اي پي پي) آسٽريليا ڪرڪيٽ (سي اي) جي اهتمام هيٺ مينز بگ بيش ليگ ٽي – 20 جو 14 هون ايڊيشن آسٽريليا ۾ جاري آهي. ڪرڪيٽ جي مداحن کي انتهائي سخت ۽ شاندار مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ليگ ۾ اڱاري ڏينهن هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو. ليگ جي 34 هين ميچ هوبارٽ هريڪنز ۽ ميلبرن رينيگڊز جي ٽيمن وچ ۾ سڊني بيلريو اوول، هوبارٽ ۾ کيڏي ويندي. ٽورنامينٽ ۾ 08 ٽيمون شامل آهن. ٽورنامنٽ ۾ فائنل سميت ڪل 44 ميچز کيڏيون وينديون، ٽورنامنٽ جو فائنل ميچ 27 جنوري 2025ع تي کيڏيو ويندو.