سکر- 13 جنوري (اي پي پي) صوبائي وزير سيد ناصر شاھ گانگوٽي گرائونڊ ۾ خصوصي ٻارن جي اسپورٽس فيسٽيول جو افتتاح ڪيو. اطلاعات کاتو سکر پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق اھو فيسٽيول ڊي اي پي ڊي سکر ريجن ۽ هوپ فار مينڪائينڊ آرگنائيزيشن جي سهڪار سان منعقد ڪيو ويو آھي. اسپورٽس فيسٽيول جي موقعي تي اسپيشل ٻارن پاران سائن لينگويج ۾ قومي ترانو پيش ڪيو ويو. جڏھن تہ سکر ريجن جي 8 اسپيشل ايجوڪيشن سينٽرز جي ٻارڙن پاران مارچ پاس پڻ پيش ڪيو ويو. جڏھن تہ سکر ريجن جي 5 سينٽرز، خيرپور جي 2 سينٽرز ۽ گهوٽڪي جي هڪ سينٽر جي ٻارڙن ريسلنگ، اسپون ريس، آرم ريسلنگ، ويل چيئر ريس، ٽگ آف وارڊ ۽ ميوزيڪل چيئر سميت مختلف راندين ۾ شرڪت ڪئي. اسپورٽس فيسٽيول 2025ع ۾ 300 کان وڌيڪ ٻارڙن مختلف راندين ۾ حصو ورتو. گيمز ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ۽ پوزيشن ماڻيندڙ ٻارڙن ۾ ٽرافيون ۽ شيلڊون ورھايون ويون.