لنڊن -13 جنوري (اي پي پي)انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ 08 ڏينهن جي آرام بعد 15 جنوري تي وڌيڪ 4 ميچون کيڏيون وينديون. اي پي ايل ۾ مداحن کي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ برينٽ فورڊ ۽ دفاعي چيمپئين مانچسٽر سٽي جي ٽيمن وچ ۾ ٽيڪ ڪميونٽي اسٽيڊيم، برينٽ فورڊ ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ چيلسي ۽ بورن مائوٿ جي ٽيمن وچ ۾ اسٽامفورڊ برج، لنڊن ۾ کيڏي ويندي، ٽئين ميچ ۾ ويسٽ هيم يونائيٽڊ ۽ فلهم جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. اها ميچ لنڊن اسٽيديم ۾ کيڏي ويندي. 15 جنوري تي چوٿين ۽ آخري ميچ ناٽنگهم فارسٽ ۽ ليور پول جي ٽيمن وچ ۾ دي سٽي گرائونڊ، ناٽنگهم ۾ کيڏي ويندي. اي پي ايل ۾ شامل 20 ٽيمون ٽائٽل لاءِ آمهون سامهون ٿينديون.